سورج سجاولي

سورج سجاولي

سورج سجاولي

سورج سجاولي: مشھور شاعر ۽ سياسي اڳواڻ ذوالفقار علي سرويچ ولد محمد صديقسرويچ سجاولي“، ادبي ميدان ۾ ’سورج سجاولي‘ جي نالي سان مشھور هو. 24 نومبر 1972ع تي پنهنجي ڳوٺ ابراهيم تارڙو (سرويچ نگر) لڳ سجاول ۾ ڄائو. هاءِ اسڪول سجاول ۾ استاد ٿي رهيو. ادبي دنيا ۾ شاعر، مضمون نگار ۽ صحافي طور سڃاتو ويو. هو سنڌي ادبي سنگت شاخ سجاول جو 8 سال سيڪريٽري ٿي رهيو. سياسي ۽ علمي ادبي پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ به ڪئي. هو سياسي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان وابسته هو ۽ سجاول ضلعي جو اڳواڻ رهيو. ڪورونا جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ 8 آگسٽ 2021ع تي سجاول ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.11.24  عيسوي

مشھور شاعر ۽ سياسي اڳواڻ ذوالفقار علي سرويچ ولد محمد صديق ”سرويچ سجاولي“، ادبي ميدان ۾ ’سورج سجاولي‘ جي نالي سان مشھور هو. 24 نومبر 1972ع تي پنهنجي ڳوٺ ابراهيم تارڙو (سرويچ نگر) لڳ سجاول ۾ ڄائو.


2021.08.08  عيسوي

سورج سجاولي ڪورونا جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ 8 آگسٽ 2021ع تي سجاول ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آزاد بخاري
تمر فقير
ڀوَپوُتي
تاجدار عادل
توت فقير
حاجي مريد مهيري
در محمد فقير
ڀٽو مدهوش
ائنا اخمتووا
جلال کٽي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون